سنڊي بندر

سنڊي بندر: هي بندر ٺٽي ضلعي جي مغلڀين جاتيءَ کان چئن ميلن جي پنڌ تي ڏکڻ- اولهه طرف، سنڌو نديءَ تي هو. هن بستيءَ کي ’سيرڳنڍو‘ ڪري سڏيندا هئا. هن بندر تي سيرکاري ذريعي ٻيڙيون پهچنديون هيون. هي بندر 1897ع ۾ تمام مشهور ۽ آباد هو. هتي هر وقت ٻيڙين ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي هئي. هن بندر ذريعي اناج جو واپار تمام گهڻو ٿيندو هو. ڪڇ ۽ لکپت ڏانهن چانورن جي روانگي هن بندر تان ٿيندي هئي. هن بندر تي 1911ع کان 1916ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ خريداري ۽ وڪري ۾ تمام گهڻو ناڻو ڪمايو. هن ڪمپنيءَ هن بندر ذريعي دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن مال موڪليو ۽ اتان گهرايو. آهستي آهستي هن بندر جو زوال شروع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو